وڊيو ايڊيٽر، سنڌ آنلائن اسڪول
ڀليڏنو عرف راجا ساند سنڌ جو باصلاحيت نوجوان آھي. ڪمپيوٽر ۽ بزنس مينيجمينٽ ۾ ڊپلوما سان گڏ تعليم ۽ انگريزي ادب ۾ ماسٽر ڊگريون رکن ٿا. راجا سنڌ پھريون ڀيرو شاھ جو رسالو جي ائنڊرائڊ ايپليڪيشن ٺاھي جنھن تي کيس لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو. راجا سنڌ آنلائن اسڪول سٿ جو قابل فخر ساٿي آھي.