سنڌ آنلائن اسڪول ،DevOps Engineer
محمد لائق سنڌ يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ لِنَڪس ۽ نيٽورڪنگ ۾ ڪورسَ ڪيا. لائق CCNA سرٽيفائڊ نيٽورڪ اسوسيئٽ آھي ۽ ڪراچي جي ھڪ نجي ڪمپنيءَ ۾ DevOps Engineer، طور خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي. کيس لِنَڪس، نيٽورڪنگ ۽ مائڪروسافٽ ونڊوز سرور پليٽفارمز بشمول مختلف ڪلائوڊ پليٽفارمز تي سٺي دسترس حاصل آھي. محمد لائق سنڌ آنلائن اسڪول ٽيڪنيڪل سٿ جو ساٿي آھي.