سرپرست، سنڌ آنلائن اسڪول
ڊاڪٽر اعجاز ترڪ جو تعلق سيھوڻ تعلقي جي ڳوٺ باجارا سان آھي. گريجوئيشن لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائون. ڊاڪٽر اعجاز 1983 کان امريڪا ۾ رھائش پذير آھن. اِلَناءِ يونيورسٽي مان اِنٽرنل ميڊيڪل ريزيڊنسي مڪمل ڪيائون. 1992 ۾، لويولا يونيورسٽي شڪاگو مان معدي، آنڊن ۽ جگر جي بيمارين ۾ فيلوشپ مڪمل ڪيائون. ڊاڪٽر اعجاز مِشيگَن اسٽيٽ يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف انٽرنل ميڊيسن ۾ اسسٽنٽ ۽ اسوسيئٽ پروفيسر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آھن. ھينئر امريڪا ۾ معدي ۽ آنڊن جي ماھر طور ڪم رھيا آھن. پاڻ سنڌ جي ٻھراڙين ۾ جديد قسم جا مختلف تعليمي ادارا ھلائي رھيا آھن. ڊاڪٽر اعجاز سنڌ ۾ ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي تعليم جي واڌاري لاءِ سنڌ آنلائن اسڪول جي سٿ ۾ شامل ٿيا آھن.