Welcome to Sindh Online School

سھڪار

سهڪار

سنڌ آنلائن اسڪول ننڍڙي رضاڪار سٿ وسيلي ڪورونا وبا جي لاڪ ڊائون وارن ڏھاڙن ۾ وجود ۾ آيو. لاڪ ڊائون جي پابندين، وسيلن جي اڻھوند، ۽ ٻين ڪافي مشڪلاتن باوجود اسين ڏينھن رات هڪ ڪري سنڌ جي تاريخ ۾ پھرين سنڌي تعليمي ويبسائٽ نہ صرف متعارف ڪرائڻ ۾ ڪامياب وياسين پر ان تي شروعاتي مواد جيترو ٿي سگهيو آهي پڻ رکيو آهي. ويبسائٽ تي رکيل مواد ۾ ڏينھون ڏينھن اضافي سان گڏ سڌارا پڻ ايندا رهن ٿا. هي هڪ تمام وڏو پراجيڪٽ آهي، هن پراجيڪٽ کي مڪمل سڌريل ۽ فعال اداري جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ نہ صرف اسانکي واڌو ٽيم جي ضرورت آهي پر اسانکي سکيا جا اوزار، سافٽويئر ۽ هارڊويئر ٽولز، سائنس ليب لاءِ تجربن جا اوزار، ويب ۽ اينڊرائڊ ايپ ڊولپمينٽ، اينيميٽڊ مواد جي خريداري، ۽ ڪجهہ ٻيون ضروري شيون گهربل آهن. اسان شروعات ڪئي آهي. سنڌ جي بهتر آئيندي لاءِ ٻج ڇٽيو آهي جنھنکي وڌي وڻ بہ ٿيڻو آهي ۽ ڦل بہ ڏيڻو آهي.

جيڪي سنڌ جا سڄڻ اسانجي مدد ڪرڻ گهرن ٿا يا اسانجي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ چاهن ٿا سي هيٺ ڏنل ايميل، واٽس ايپ نمبر يا فيسبڪ ميسينجر وسيلي رابطو ڪري سگهن ٿا. لک لائق اسين سنڌ جي سڄڻن ۽ گھڻگھرن کي گذارش ٿا ڪريون تہ اڳتي اچو ۽ سنڌ آنلائن اسڪول جي مالڪي ڪريو.

قدير احمد ڪانڌڙو

923337562332+

qadeerkandhro@gmail.com