Welcome to Sindh Online School

اسان بابت

اسان بابت

سنڌ آنلائن اسڪول سنڌ جي پھرين تعليمي ويبسائٽ آهي جتي ڪلاس 1 کان 10 تائين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي نصاب مطابق وڊيو سبقَ ٺاهي رکيا ويندا آهن. وڊيو سبقَ نت نئين جديد انداز ۾ ٺاھيا ويندا آهن. سنڌ آنلائن اسڪول ويبسائٽ رضاڪار سٿ وسيلي ڪم ڪري ٿي ۽ رڪارڊ ڪيل سبق مفت ۾ سڀني لاءِ موجود آھن.

اسان جو مشن

”عالمي معيار جي مفت آنلائن تعليم ڏيڻ ۽ سنڌ جي ڪلچر ۽ ٻوليءَ کي پوري دنيا تائين عام ڪرڻ“

سنڌ آنلائن اسڪول جون خصوصيتون

•سنڌ جي پھرين تعليمي ويبسائٽ

•ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ جديد طريقن سان پڙهائڻ

•سولا سمجهايل ننڍڙا وڊيو ليڪچر

•سائنسي تعليم تي ڌيان

•قابل ۽ تجربيڪار استاد

•غير تدريسي سيڪشن

•ڳالھہ ٻولھہ لاءِ فورم

ڪالھہ

سنڌ آنلائن اسڪول جو خواب 2020 ۾ وجود ۾ آيو. جڏهن ڪووڊ-19 وبا پوري دنيا کي وڪوڙي وئي تن ئي ڏھاڙن ۾ سنڌ آنلائن اسڪول جي شروعات ٿي. لاڪ ڊائون جون پابنديون، مالي مشڪلاتون ۽ وسيلن جي کوٽ اسانکي پنھنجي مقصد تان ھٽائي ڪونہ سگهي ۽ 7 جون 2020 تي شروعاتي سبقن سان سنڌ آنلائن اسڪول جو آغاز ٿيو.

اڄ

ھينئر تائين 500 کان مٿي وڊيو سبق پنھنجي ويبسائٽ تي رکي چڪا آھيون. ان سان گڏ ھر ھفتي نوان سبق رکندا رھون ٿا ۽ مواد کي ڏھاڙي جي بنياد تي سنواريندا رھون ٿا.

سڀاڻي

شروعات سولي ھوندي آھي پر سڌارن سان گڏ جٽاء جوکم جو ڪم ھوندو آھي. اسانجو خواب ماڻھن کي عالمي معيار جي مفت تعليم ڏيڻ آھي. اسانکي ڪجھہ وسيلن جي ضروت آھي (وقت، ناڻو ۽ افرادي قوت) تہ جيئن اسين پائدار ترقي ڪري سگهون.

اَرپنا

استاد محمد اسماعيل ڪانڌڙو
محترم استاد محمد اسماعيل ڪانڌڙو (مرحوم)

سنڌ آنلائن اسڪول قوم جي خدمت ڪاڻ شروع ڪيو ويو ۽ مان اھا ڪوشش پنھنجي محبوب بابا سائين محترم محمد اسماعيل ڪانڌڙو (مرحوم) کي ارپيان ٿو. بابا سائين پرائمري استاد هئا. 27 سالن تائين پنھنجون تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رٽائر ٿيا. جڏھن سندس مان ۾ الوداعي تقريب ڪوٺائي وئي تہ بابا سائين جن پنھنجي ساٿي استادن کي مخاطب ٿيندي فرمايو تہ ”سنڌ جي ٻچڙن جي تعليم جي پارت اٿوَ، سنڌ تمام گھڻو پٺ تي پيل آھي“. سندن اهو خواب ھو تہ سنڌ جا ٻچڙا تعليم ۾ اڳتي اچن ۽ سنڌ شاد ۽ آباد هجي! اميد تہ سنڌ آنلائن اسڪول ويبسائٽ سنڌ جي تعليم جي بھتري لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪندي رھندي.

قدير احمد ڪانڌڙو ( باني سنڌ آنلائن اسڪول)

سنڌ آنلائن اسڪول جو سفر

اپريل، 2020

ڪورونا وبا لاڪ ڊائون دوران سنڌ جي تعليمي ادارن کي ڊگهي عرصي لاءِ بند ڪيو ويو ۽ تنھن وقت سنڌ آنلائن اسڪول جي خيال جنم ورتو.

مئي، 2020

سنڌ آنلائن اسڪول جي ويبسائٽ تي ڪم شروع ٿيو ۽ سوشل ميڊيا مھمن وسيلي سموري سنڌ مان استادن جي ورچوئل ٽيم ٺاهي وئي.

جون، 2020

7 جون 2020 تي گل عرساڻي ھاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ سنڌ آنلائن اسڪول جي لانچنگ تقريب ٿي ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي نصاب تي مشتمل سنڌ جي تاريخ ۾ پھرين سنڌي تعليمي ويبسائٽ جو باقاعدہ آغاز ٿيو.

مئي، 2021

سنڌ آنلائن اسڪول جو اسٽوڊيو حيدرآباد ۾ تيار ٿيو جتان سنڌي ۾ پھريون ڀيرو جديد انداز ۾ لائٽ بورڊ ٽيڪنالاجي وسيلي ليڪچر تيار ڪري رکڻ جو سلسلو شروع ٿيو.

جون، 2021

سنڌ آنلائن اسڪول جي پھرين سالگرھہ جي موقعي تي  سنڌ آنلائن اسڪول جي مڪمل سنواريل سڌاريل ۽ نت نئين انداز ۾ تيار ڪيل ويبسائٽ لانچ ڪئي وئي.