صلاحڪار، سنڌ آنلائن اسڪول
عابد حسين جوڻيجو، ڪئينيڊا ۾ ڪاروباري صلاحڪار آهن. يوڪرين مان MSc انجنيئرنگ ۽ برطانيھ مان بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس آهن. دنيا جي وڏين ڪمپنين ۾ اِن ڪلاس ۽ آن جاب ٽريننگ جو ڳچ تجربو رکن ٿا. ڪجھہ وقت لاءِ مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڻ پڙهائي چڪا آهن. ”پڙھيل ڳڙھيل سنڌ“ جو خواب اکڙين ۾ سانڍي سنڌ آنلائن اسڪول ٽيم جو حصو بڻيا آهن.
پاڻ سنڌ آنلائن اسڪول تي سائنس ۽ رياضي جا ليڪچر پڻ ڏيندا آھن.