Lateef Corner
Lateef Corner
شاھ عبداللطيف جا چونڊ بيت:
سُر سِريراڳ
ڪُوڙُ ڪَمايُئِي ڪَچُ، اُٿي اورِ اَللہَ سين؛ ڪَڍُ تون دَغا دِل مان، صاحِبَ وڻي سَچُ؛ مُحبَتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ! ٻارِج مَچُ؛ اِنَ پَرِ اُٿِي اَچُ، تَہ سَودو ٿِيَئِي سَفَرو.
June 19, 2021
No Comments
سُر سِريراڳ
جَرَ تي ڦوٽو جِيئَن، لَڳِئي لَھِرَ اَڌُ ٿئي؛ تُون پِڻ آھِيئين تِيئَن، دُنيا ۾ ڪو ڏِينھَڙو.
June 19, 2021
No Comments
سُرسَسُئي آبري
هيجُ نہ هوندو جِنِ، سي ڪِيئَن وِندُرَ وِيندِيُون؟ وِهو وِچِ رَهنِ، سَھسين سَڌُنِ وارِيُون.
June 19, 2021
No Comments
سُر ڪوهياري
جَڏهِن سُتِيُون جي،پَٿرِ پيرَ ڊِگھا ڪري،تَڏهِن تَنِين کي، ساٿَ سُتيئِي ڇَڏِيو.
June 6, 2021
No Comments